پندرهين سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻو

پندرهين سنڌ ادبي ڪانفرنس، لاڙڪاڻو: پندرهين سنڌ ادبي ڪانفرنس 9 ۽ 10 تاريخ 1955ع تي جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن جي مختلف نشستن جي صدارت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، غلام محمد گرامي، محمد ابراهيم خليل ۽ ڪئي. استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمئن عبدالغفور ڀرڳڙي ۽ سيڪريٽري محمد علي ’جوهر‘ هو. ڪانفرنس ۾ جن اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي، تن ۾ انور عادل (ڪليڪٽر)، عبدالعليم عقيلي، امير بخش قريشي، عطا محمد ’حامي‘، آغا گل حسن ”گل“، عبدالڪريم ’گدائي‘، اظهر گيلاني، پير اظهر، آخوند شفيع محمد، بشير مورياڻي، سرشار عقيلي، عبدالعزيز قنڌاري، حافظ احسن، صادق دهلوي، برگ يوسفي، غلام عباس جوش، اياز قادري، مولوي نور الدين نور، عاشق واحد بخش ۽ ٻيا ڪيترائي نالي وارا شاعر ۽ ليکڪ شامل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو